SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وهنواري سرشتي جو ضابطو-تعلقاتي ترتيب يا سٽاءُ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وهنواري سرشتي جو ضابطو-تعلقاتي ترتيب يا سٽاءُ

Regime:

ريجيم:

فرانسي ٻوليءَ جي هن اصطلاح مان مراد ڪن شرطن (خاص طور سياسي) تي ٿيندڙ باضابطا عمل آهي .هي هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ ڪجهه قاعدن، قانونن، اميدن ۽ تصورن تحت لاڳاپا قائم ڪيا ويندا آهن. هي عمل خوشگوار تعلقات جوڙڻ ۽ ڏي - وٺ جي عمل کي چڱيءَ ريت هلائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي . بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ سياست يا اهڙي سفارت ڪاري ، جنهن ۾ تمام گهڻا ملڪ شامل هجن ۽ ان دوران بين الاقوامي قانون تي عمل به ٿئي ، ته اهو ’ريجيم‘ جي دائري اندر اچي ٿو. سياسي علمن جا ماهر ”ڪوهن“ ۽ ’جوزف نائي‘ ”ريجيم“ جي عمل کي هڪ ٻئي تي ڀاڙڻ واري رويي سان ڏسن ٿا. سندن طرفان 1977ع واري ڏنل نظرئي مطابق، ”باهمي تعلقات“ ۽ ”اقتدار ۾ تبديليون“ ، هن عمل جا اهم نڪتا آهن. ان سلسلي ۾ ڪابه تنظيم جوڙي ان جي رڪنيت وڌائڻ ۽ ٻيا اهم معاملا طئه ڪرڻ ”ريجيم“ جو بنيادي نڪتو آهي. ڇاڪاڻ ته اڪثر ملڪ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شامل ٿيندا آهن. ڪنهن به ”ريجيم“ ۾ پاليسيءَ جو متحرڪ هجڻ ضروري هوندو آهي . جيڪڏهن بدلجندڙ دؤر ۽ حالتن مطابق پاليسين ۽ فيصلن ۾ مسلسل ردوبدل نه ٿي ڪئي وئي ته ”ريجيم“ گهڻي عرصي تائين قائم نه ٿي رهي. ان جو دائرو جيترو وسيع هوندو اوترو ئي پاليسين کي بهتر کان بهتر ۽ سڀني لاءِ سڦلائتو ڪرڻ پوندو. انهيءَ حاصلات جي ڏس ۾ هيٺيان ٽي پهلو سامهون رکيا ويندا آهن: 1. ڪنهن به ”ريجيم“ سان لاڳاپيل انتظامي معاملا ڪيئن ڏسجن 2. ادارتي جوڙ جڪ کي ڪيئن اثرائتو بنائجي. 3. گهربل مثبت نتيجا حاصل ڪرڻ تائين ”رجيم“ جو قيام ڪيئن ممڪن بڻائجي؟ پر ساڳئي وقت اهو ڏسڻ به تمام ضروري آهي، ته اهي ٽئي پهلو ۽ ميمبرن وچ ۾ سهڪار، ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اهو سهڪار انتشار پکيڙڻ لاءِ آهي ته پوءِ انهيءَ ”ريجيم“ جا نتيجا نهايت برا نڪرندا. سماجي سائنسدان اسٽرينج (Strange) ٻين مُلڪن مٿان تسلط قائم ڪرڻ واري لحاظ کان واسطيداريون قائم ڪرڻ تي ڪافي تنقيد ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته قائم ٿيل اهڙن سڀني واسطن جا مقصد رڳو بهتريءَ طرف ناهن هوندا. مثال طور اقتدارجي حاصلات ذريعي مختلف قسم جون پابنديون مڙهڻ ۽ سفارتي لاڳاپا مرضيءَ سان قائم ڪرڻ . ان کان سواءِ عالمي سياست ۾ هي اصطلاح ڪنهن به اهڙي حڪومتي سرشتي کي به چيو ويندو آهي ، جيڪو ڪن قاعدن ۽ ضابطن موجب ملڪي ڪاروهنوار هلائيندي سماج سان واسطيدار رهندو آهي. عام طور سياست ۾ هن اصطلاح کي ناڪاري ۽ آمريتي حڪومتي راڄ جي حوالي سان سمجهيو ويندو آهي


Remember Me Also:

پيٽ پالڻ

گذران ڪرڻ ، روزي ڪمائڻ. گذر سفر ڪرڻ. پيٽ لاءِ کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal